پاڻي تڪرار، مهرن جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 4 زخمي

پاڻي تڪرار، مهرن جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 4 زخمي

گھوٽڪي (ن سنڌيار) گھوٽڪي ,ويجھو ڳوٺ محمد عثمان مھر ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان مھر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ٽن عورتن سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ مسمات عزت خاتون مھر ,مسمات آسيہ مھر .,مسمات رشيدان مھر ۽ خان محمد مھر شامل آھن, واقعي کان پوء زخمين کي تعلقي اسپتال گھوٽڪي ۾ داخل ڪيو ويو جن مان ھڪ عورت عزت خاتون مھر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي ان موقعي تي زخمي عورتن ۽ خان محمد مھر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ اسان جو پوليس جي اسسٽنٽ سب انسيڪٽر شاھ ڏنو مھر وارن سان زمين تي تڪرار ھلندڙ آھي ۽ برادري پاران ڪيترائي ڀيرا راڄوڻي ڪئي وئي آھي پر اھو ڪٿي بہ مڃڻ لاء تيار ناھين ھنن وڏيڪ چيو تہ اڄ شاھ ڏنو مھر ,صدام حسين ,انعام حسين ۽ ٻين حملو ڪيو جنھن سبب ٽن عورتن سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن اھڙو اطلاع سرحد پوليس کي ڏنو ويو آھي پر پوليس پاران ڪابہ گرفتاري عمل ۾ ناھين اچي سگھي وس وارن ۽ خاص ڪري آئي جي سنڌ کي گذارش آھي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو