پاڻي، ڀاڻ جي  کوٽ بابت ضلعي انتظاميه جي گڏجاڻي

پاڻي، ڀاڻ جي کوٽ بابت ضلعي انتظاميه جي گڏجاڻي

شڪارپور (ن سنڌيار) پاڻيءَ جي کوٽ، ڀاڻ جي فراهمي بابت گڏجاڻي، پاڻيءَ جي کوٽ سبب آبادگار ليٽ ورائٽيز جي جنسن کي ترجيح ڏين. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور، فرٽيلائيزر جي مقرر قيمت تي فراهميءَ لاءِ ڀاڻ جي ڊيلرن کي جلد هدايتون جاري ڪيون وينديون. ابرار جعفر، سنڌ جي ٽنهي بئراجن تي پاڻيءَ جي شديد کوٽ آهي. بي ايس فيڊر جون مهيني جي آخر ۾ پاڻي اچڻ جو امڪان آهي. اي سي ايريگيشن اسدالله شيخ پاڻي نه هجڻ سبب صرف باسمتي جنسون ۽ ڪجهه هائبرڊ جنسن جي پوکائي ٿي سگهي ٿي. ٻيجاري پوکڻ لاءِ بي ايس فيڊر ۾ پاڻي ڏنو وڃي. آبادگار اڳواڻ تفصيل موجب: ملڪ اندر پاڻيءَ جي شديد کوٽ آهي انڪري آبادگار ساريالي فصل جون دير سان پوکجندڙ جنسن کي ترجيح ڏين. اها ڳالهه ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر شڪارپور ۾ پاڻيءَ جي صورتحال ۽ ساريالي فصل جي پوکائيءَ بابت آبپاشي، زراعت کاتي جي آفيسرن ۽ آبادگار بورڊ شڪارپور جي اڳواڻن سان گڏجاڻي ڪندي ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر چيو ته هن دفعي پاڻيءَ جي شديد کوٽ سبب فصل دير سان پوکجي سگهندا. انڪري زراعت کاتو آبادگارن کي ساريالي فصل جي ليٽ ورائٽيز بابت آگاهي ڏين. هن چيو ته هن دفعي فرٽيلائيزر جي فراهميءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڊيلرن سان جلد گڏجاڻي ڪوٺائي ويندي ۽ مقرر قيمت تي يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. گڏجاڻيءَ ۾ پاڻي جي فراهميءَ بابت بريفنگ ڏيندي اي سي بي ايس فيڊر اسدالله شيخ ٻڌايو ته سنڌ جي ٽنهي بئراجن تي پاڻيءَ جي شديد کوٽ آهي، هن وقت پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهمي کي وڌيڪ ترجيح ڏني پئي وڃي. هن ٻڌايو ته تربيلا ڊيم ڊيڊ ليول تي آهي. هن چيو ته گڊو بئراج تي وهڪرن لاءِ 22600 ڪيوسڪ پاڻيءَ جي ضرورت آهي، پر بئراج جي ٻنهي پاسن فقط 6 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي. اسدالله شيخ ٻڌايو ته بي ايس فيڊر ۾ پاڻي جون مهيني جي آخر ۾ وهڻ جو امڪان آهي. ان لاءِ آبادگار ان حساب سان ساريالي فصل جي تياري ڪن. هن چيو ته اڄ به تربيلا ڊيم مان پاڻيءَ جي اخراج 5 هزار ڪيوسڪ گهٽيو آهي. جيڪا تمام ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال آهي. گڏجاڻيءَ ۾ ڳالهائيندي ايڊيشنل ڊائريڪٽر زراعت خدا بخش ڪلوڙ ٻڌايو ته پاڻيءَ جي کوٽ سبب ساريالي فصل جي پوکائيءَ لاءِ دير وارين جنسن کي ترجيح ڏني وڃي. ان سلسلي ۾ 70 فيصد باسمتي ۽ 30 فيصد هائبرڊ ٻج جي جنسن کي آزمايو وڃي. هن چيو ته زراعت کاتو ان سلسلي ۾ آبادگارن کي آگاهي ڏئي رهيو آهي ۽ اهي هائبرڊ جنسون پوکيون وڃن جيڪي 90 ڏينهن ۾ پچي راس ٿين. انهن جنسن ۾ ڏوڪري 92، 83، 82، ڪالا شاهه 133 ۽ سنڌ سڌار شامل آهن. آبادگار اڳواڻن حاجي امير بخش پهوڙ، نظير احمد مهر، اعجاز احمد مهر، فريد احمد سومرو ٻين ڳالهائيندي چيو ته مٿي پٽ فيڊر ۽ گهوٽڪي فيڊر ۾ پاڻي ڇڏيو ويو آهي. ان لاءِ بي ايس فيڊر کي به 5 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏنو وڃي ته جيئن سارين جو ٻيجارو پوکي سگهجي. هنن چيو ته پاڻيءَ جي کوٽ سبب ٻيجارو به نه پوکي سگهيا آهيون ۽ اسان کي پاڻيءَ جي فراهمي بابت ڪا حتمي تاريخ ٻڌائي وڃي ته جيئن ٻيجارو پوکي سگهون. هنن چيو ته يوريا ڀاڻ 2 هزار کان 21 سئو روپيه في ٻوري وڪرو ٿي رهي آهي، جڏهن ته مقرر قيمت 1750 روپيه مقرر آهي. هنن چيو ته ڪڻڪ ۾ آبادگارن جو نقصان ٿيو هو ۽ ڀاڻ بليڪ تي فراهم ڪيو ويو. هن چيو ته دريائن ۾ لائن لاسز جو مسئلو آهي. سنڌ حڪومت وفاق کان مطالبو ڪري ته سنڌ جو پاڻي رستي ۾ گم نه ڪيو وڃي ۽ سنڌ کي پنهنجو پورو پاڻي ڏنو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو