پاڻيءَ جي واري تي ويل 2 هاري بيدردي سان قتل

پاڻيءَ جي واري تي ويل 2 هاري بيدردي سان قتل

مٽياري (رياض چانڊيو) ھالا ويجهو ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي ۾ نامعلوم هٿياربندن مقامي زميندار وسيم نظاماڻي جي زمين تي پاڻي ورائيندڙ باگڙي برادري جي ٻن ماڻهن نانڪو باگڙي ۽ جانڪي باگڙي کي ڪهاڙين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري فرار ٿي ويا. واقعي جو اطلاع ملندي ئي مقامي پوليس واقعي واري جڳھ تي پهچي مقتولين جا لاش تعلقه اسپتال هالا منتقل ڪري واقعي جي تفتيش شروع ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته تاحال واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي مقتولن جي وارثن موجب هنن جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو