پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ يُو اَي اِي جي ٽياڪڙي جي تصديق

پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ يُو اَي اِي جي ٽياڪڙي جي تصديق

واشنگٽن(ويب ديسڪ) امريڪا م گڏيل عرب امارات جي سفير يوسف ال او طيبه پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ثالثي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي انٽيلي جنس عملدارن وچ ۾ جنوري ۾ ملاقات ٿي هئي. هن اها ڳالهه اسٽينفورڊ يونيورسٽي جي اداري هوور انسٽيٽيوشن ۾ هڪ تقريب کي ورچوئل خطاب دوران چئي. هن چيو ته دبئي ۾ جنوري ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي انٽيليجنس عملدارن جي ملاقات جو اهتمام ڪيو ويو هو. هن چيو ته مئي ۾ آمريڪا پاران افغانستان مان فوج واپس گهرائڻ واري اعلان سان پائيدار امن کي نقصان پهچي سگهي ٿو. هن چيو ته افغانستان ۾ امن پاڪستان کان سواءِ ممڪن ناهي. هن چيو ته ڪشمير معاملي تي هندوستان ۽ پاڪستان ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ گڏيل عرب امارات ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڪندو رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو