پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ، قومي اسيمبلي اجلاس سڀاڻي طلب

پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ، قومي اسيمبلي اجلاس سڀاڻي طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري سڀاڻي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو آهي. اجلاس ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ مان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي بحث ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي شام 5 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ طلب ڪيو ويو آهي. هي اجلاس آئين جي آرٽيڪل 54 جي شق 1 تحت ڏنل اختيارن کي استعمال ڪندي طلب ڪيو ويو. اجلاس ۾ پهلگام فالس فليگ آپريشن کان پوءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي صورتحال تي بحث ڪيو ويندو، ۽ قومي اسيمبلي ۾ عوامي نمائندا حڪومت کي حڪمت عملي تيار ڪرڻ لاءِ تجويزون پيش ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو