پاڪ فوج هر قسم جي جارحيت کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي:آئي ايس پي آر

پاڪ فوج هر قسم جي جارحيت کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي:آئي ايس پي آر

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پاڪ فوج يوم تڪبير جي موقعي تي ڪارنامي ۾ شامل سمورن جوانن کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته هٿياربند فوج هر قسم جي جارحيت کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.تفصيل موجب يوم تڪبير جي موقعي تي پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي ايٽمي صلاحيت جا 24 سال پورا ٿي ويا آهن، پاڪ فوج جي ايٽمي صلاحيت جو مظاهرو ڪري خطي ۾ طاقت جو توازن مضبوط ڪيو.آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته هٿياربند فوج آپريشن ۾ شامل سمورن جوانن کي سلام پيش ڪري ٿي، هٿياربند فوج هر قسم جي جارحيت کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو