پاڪ فوج جي جوانن جو ڪيٽي بندر جي مختلف علائقن ۾ ريليف آپريشن جاري

پاڪ فوج جي جوانن جو ڪيٽي بندر جي مختلف علائقن ۾ ريليف آپريشن جاري

ٺٽو ( ن سنڌيار) پاڪ فوج پاران ڪيٽي بندر جي مختلف علائقن ۾ ريليف آپريشن جاري آهي، ٺٽي ضلعي جي تازو ٻوڏ ۽ برساتن سبب متاثر ٿيل مختلف علائقن ۾ امدادي سرگرمين ۾ سول انتظاميہ جي مدد ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ايمرجنسي رسپانس ٽيمون متاثر علائقن مان پاڻي ڪڍڻ سميت متاثرين کي کاڌ خوراڪ ۽ طبي امداد فراهم ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهن. برساتن متاثرين لاءِ خيما بستيون قائم ڪيو ويون آهن جتي متاثر ماڻهن کي پڪل کاڌو، ڪپڙا، ڪمبل، ٿانو ۽ ٻيو ضروري سامان فراهم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته مختلف ھنڌن تي بي گهر ٿيل خاندانن کي خيما ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي پڻ جاري آهي. ان موقعي تي پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن چيو ته موجوده مشڪل صورتحال ۾ پاڪ فوج جون ٽيمون برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ پھرين صف ۾ بيٺيون آهن ۽ سندن خدمت ۾ ڏينهن رات مصروف آهن. هنن چيو ته ضلعي جي مختلف هنڌن تي برسات ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ وڌيڪ خيما بستيون قائم ڪيون پيون وڃن جتي کين هر قسم جون سهولتون فراهم ڪرڻ جا انتظام پڻ ڪيا پيا وڃن ته جيئن عوام جي مشڪلاتن کي گهٽائي سگهجي. هنن چيو ته پاڪ فوج هن ڏکئي وقت ۾ عوام سان گڏ آهي ۽ کين اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، جڏهن ته ڪيٽي بندر جي مختلف علائقن جي برسات متاثرن ۾ پاڪ رينجرز پاران پڻ پڪل کاڌو ورهايو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو