پاڪ فوج جو ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي آپريشن جاري : آءِ ايس پي آر

پاڪ فوج جو ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي آپريشن جاري : آءِ ايس پي آر

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج جي هيلي ڪاپٽرن جون 200 اڏامون ذريعي امدادي سرگرميون جاري آهن.پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ (آءِ ايس پي آر) موجب 24 ڪلاڪن دوران 162 ٽن امدادي سامان ٻوڏ متاثرن ۾ ورهايو ويو آهي. هينئر تائين 50 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 147 فوجي امدادي ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن، هينئر تائين 60 هزار کان وڌيڪ مريضن کي مفت علاج ۽ دوائون ڏنيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو