راولپنڊي (ڊيسڪ نيوز) پاڪ فوج جي اداري انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) پڌرائي جاري ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج جي ميجر رينڪ جي آفيسرن کي نظم ۽ ضبط جي خلاف ورزي ڪرڻ تي سزا ٻڌائي وئي آهي ۽ الزام تسليم ڪرڻ سبب ٽنهي آفيسرن کي ملازمت تان برطرف ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر پڌرائيءَ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث هجڻ سبب برطرف ٿيلن مان 02 اڳوڻن آفيسرن کي ٻه ٻه سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا به ٻڌائي وئي آهي.










