پاڪ فوج جا ماهر جانباز فيفا ورلڊ ڪپ جي نگراني لاءِ قطر روانا

پاڪ فوج جا ماهر جانباز فيفا ورلڊ ڪپ جي نگراني لاءِ قطر روانا

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع لاءِ پاڪ فوج جي سڪيورٽي فورس قطر روانو ٿي وئي آهي.پاڪ فوج جو خاص دڙو نور خان ايئر بيس کان قطر روانو ٿي ويو، دستي ۾ پاڪ فوج جا آفيسر، جونيئر ڪميشنڊ آفيسر ۽ جوان شامل آهن.پاڪ فوج فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع دوران قطر حڪومت کي سيڪيورٽي مدد فراهم ڪندي.ان سلسلي ۾ فيفا جي 8 رڪني انٽرنيشنل ٽريننگ ٽيم سيپٽمبر ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو هو. دوري دوران تربيتي ٽيم پاڪ فوج جي چونڊيل اسڪواڊ کي فيفا سڪيورٽي جي حوالي سان تربيت ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو