واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان پاڪستان ۽ آمريڪا لاڳاپن جي رفتار کي مثبت قرار ڏنو آهي. آمريڪا ۾ پاڪستاني ڊاڪٽرن جي تنظيم جي سالياني ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مسعود خان چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا لاڳاپن جي رفتار هاڪاري آهي ۽ اعليٰ سطحي رابطن ۾ واڌ جو رجحان آهي.هن چيو ته آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ غلط فهميون دور ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي پاڪستان جي معاملن بابت آمريڪي نائب معاون نيل هوپ به پنهنجي تقرير ۾ چيو ته آمريڪا پاڪستان جو پسند جو ساٿي بڻجڻ چاهي ٿو.










