پاڪستان 268 تي آل آئوٽ، آسٽريليا جي بيٽنگ

پاڪستان 268 تي آل آئوٽ، آسٽريليا جي بيٽنگ

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان آسٽريليا خلاف ٽئين ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ 268 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، ڪينگروز کي پهرين اننگز ۾ 123 رنسن جي برتري حاصل آهي. قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ٽيسٽ سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ ۾ آسٽريليا جي 391 رنسن جي جواب ۾ قومي ٽيم 268 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي ۽ هاڻ آسٽريليا جي ٻي اننگز ۾ بيٽنگ جاري آهي. ان کان اڳ ميچ جي ٻئي ڏينهن تي آسٽريليا جي ٽيم 391 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن جي جواب ۾ قومي ٽيم ميچ جي ٻئي ڏينهن جي پڄاڻي تي هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 90 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، هو رڳو 178 رنسون ٺاهي سگهي، آستريليا کي پاڪستان تي پهرين اننگز ۾ 123 رنسن جي برتري حاصل آهي. پاڪستان طرفان عبدالله شفيق 81، اظهر علي 78 ۽ ڪپتان بابر اعظم 67 رنسون ٺاهيون، ان کان علاوه فواد عالم 13، امام الحق 11 ۽ ساجد خان 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، محمد رضوان هڪ رنس ٺاهي. جڏهن ته نعمان علي، حسن علي ۽ نسيم شاهه صفر تي پويلين موٽي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو