اسلام آباد(بيورو) 21 اپريل تي 2 وڳي کان صبح 7 وڳي تائين، پاڪستان ۾ صارفين کي انٽرنيٽ جي رفتار ۾ گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پوندو.پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) موجب انٽرنيشنل مئرين پاور ڪيبل جي هڪ حصي تي پاور ڪنفيگريشن سرگرمي سبب انٽرنيٽ جي رفتار گهٽجي ويندي.










