اسلام آباد (بيورو)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڇهين لهر سبب ڪيسن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران هن عالمي وبا سبب وڌيڪ 10 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (اين آءِ ايڇ) موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 22 هزار 451 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 737 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس جي مثبت شرح 3.28 سيڪڙو رهي. اين آءِ ايڇ موجب ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 189 مريضن جي حالت نازڪ آهي.










