اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جي شرح ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران هن موذي مرض سبب هڪ مريض فوت ٿي ويو.ملڪ ڪورونا جي مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ 53هين نمبر تي آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسن جي شرح رڳو 0.69 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.پاڪستان ۾ رڳو 52 وڌيڪ ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي متاثر ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي.ڪورونا وائرس جي علاج هيٺ 43 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پاڪستان ۾ هن وقت تائين 30 هزار 625 ڪورونا وائرس جا مريض فوت ٿي چڪا آهن.ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي انگ 15 لک 73 هزار 807 ٿي ويو آهي.ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 7 هزار 512 وڌيڪ ڪورونا وائرس جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 3 ڪروڙ 7 لک 80 هزار 674 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.










