پاڪستان ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 9 ڪيس رپورٽ

پاڪستان ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 9 ڪيس رپورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جي شرح ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪو به فوتگي نه ٿي آهي.ڪورونا جي مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ ملڪ گهڻي وقت کان 53هين نمبر تي آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسن جي شرح صرف 0.24 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.پاڪستان ۾ وڌيڪ 9 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته علاج هيٺ 9 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.پاڪستان ۾ هن وقت تائين 30 هزار 640 ڪورونا وائرس جا مريض فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته مريضن جو انگ 15 لک 76 هزار 175 تائين پهچي ويو آهي.ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 هزار 726 وڌيڪ ڪورونا وائرس جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 3 ڪروڙ 12 لک 76 هزار 86 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو