پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ هر ٻار پاڪستان جو شهري هوندو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ هر ٻار پاڪستان جو شهري هوندو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 24 سالن جي افغان نوجوان جي پاڪستاني شهريت بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار به پاڪستان جو شهري هوندو.چيف جسٽس اطهر من الله اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪستاني شهريت بابت 24 سالن جي افغان نوجوان پاران داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.وڪيل عمر اعجاز گيلاني 24 ورهين جي مدعي فضل حق طرفان عدالت ۾ پيش ٿيو.وڪيل عمر گيلاني عدالت ۾ موقف اختيار ڪندي چيو ته منهنجو موڪل 24 سال بغير ڪنهن شهريت جي پاڪستان ۾ رهيو.ان دوران عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار کي پاڪستان جو شهري بڻايو ويندو، ٻار کي صرف برٿ سرٽيفڪيٽ جي ضرورت هوندي.عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۽ ڪجهه ٻين ملڪن ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار کي شهريت ڏني ويندي آهي، اسان جو قانون به پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ هر ٻار کي شهريت ڏيڻ جو پابند آهي.عدالت گهرو وزارت کي شهريت جي درخواست تي ايندڙ جمعي تائين قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران گهرو وزارت جي وڪيل مدعي جي وڪيل کي يقين ڏياريو ته ڄمڻ واري سرٽيفڪيٽ جي تصديق بابت فيصلو ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو