اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پاڪستان، عالمي هيپاٽائٽس ڏهاڙي جي موقعي تي ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) سڀني لاڳاپيل ڌرين تي زور ڏنو آهي ته هو سائنسي بنيادن تي ٻڌل تڪڙا قدم کڻن، ۽ پاڪستان جي انهن ڪوششن جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو، جن جو مقصد 2030ع تائين هيپاٽائٽس کي عوامي صحت لاءِ هڪ سنگين مسئلي طور ختم ڪرڻ آهي. هيپاٽائٽس هڪ جان ليوا بيماري آهي، جيڪا پاڪستان ۾ اندازاً هڪ ڪروڙ 29 لک ماڻهن کي متاثر ڪري رهي آهي، جن مان 90 لک ماڻهو هيپاٽائٽس سي ۽ 38 لک ماڻهو هيپاٽائٽس بي ۾ مبتلا آهن.
هر سال پاڪستان ۾ 48 هزار کان وڌيڪ ماڻهو هيپاٽائٽس جي اهڙين انفيڪشنن سبب فوت ٿين ٿا، جيڪي روڪي ۽ علاج ڪري سگهجن ٿيون. ان جو مطلب آهي ته هر 11 منٽن ۾ هڪ ماڻهو هيپاٽائٽس سبب حياتي وڃائي ويهي ٿو.
دنيا ۾ اندازاً 4 ڪروڙ 70 لک هيپاٽائٽس سي جي مريضن مان 90 لک پاڪستان ۾ موجود آهن، جنهن سبب پاڪستان تي عالمي سطح تي هيپاٽائٽس سي جو سڀ کان وڏو بار آهي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته متاثر ماڻهن مان رڳو هر 10 مان 3 ماڻهن کي ئي پنهنجي بيماريءَ جي خبر آهي، جنهن ڪري لکين ماڻهو زندگي بچائيندڙ علاج کان محروم رهن ٿا.
هي وڏي پيماني تي پکڙيل بيماري گهڻو ڪري ماضي ۾ صحت جي شعبي سان لاڳاپيل منتقلي جو نتيجو آهي، خاص طور تي انجيڪشن لاءِ سوئين جو بار بار استعمال ۽ غير محفوظ رت جي منتقلي.
سال 2024ع دوران سڄي ملڪ ۾ 88 هزار کان وڌيڪ ماڻهو هيپاٽائٽس سي سان متاثر ٿيا.
بين الاقوامي موضوع “هيپاٽائٽس: اچو ته ان کي ختم ڪريون” جي تحت، ڊبليو ايڇ او پاڪستان جي هيپاٽائٽس خلاف جدوجهد، جنهن ۾ وزيراعظم جي قومي پروگرام براءِ خاتمو هيپاٽائٽس سي انفيڪشن پڻ شامل آهي، جي مڪمل حمايت جو ٻيهر اعلان ڪيو.
پاڪستان ۾ ڊبليو ايڇ او جي نمائندي ڊاڪٽر لوئو ڊاپينگ چيو ته، “ڊبليو ايڇ او پاڪستان سان گڏجي طبي سائنس کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجو تعاون جاري رکندي، جيئن زندگيون بچائي سگهجن، ۽ دنيا جي بهترين تجربن ۽ ڪامياب طريقن کي پاڪستان جي قومي ضرورتن مطابق اختيار ڪري سگهجي. ڊبليو ايڇ او پاڪستان سان گڏ بيٺي آهي ته جيئن تحقيق ۽ جدت کي تيز ڪيو وڃي، هيپاٽائٽس جون خدمتون آفاقي صحت جي سهولتن ۾ شامل ڪيون وڃن، بچاءُ جي قدمن کي مضبوط ڪيو وڃي، جنهن ۾ ويڪسينيشن پڻ شامل آهي، ۽ سماجي يا معاشي حيثيت کان سواءِ هر خاندان کي معياري جاچ ۽ علاج تائين برابريءَ جي بنياد تي رسائي فراهم ڪئي وڃي.”
هيپاٽائٽس بي ۽ سي ٻنهي کان بچاءُ ۽ علاج ممڪن آهي. پر جيڪڏهن انهن جو علاج نه ڪرايو وڃي ته اهي جگر جي ڪينسر سميت ٻين سنگين طبي پيچيدگين ۽ موت جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. پاڪستان ۾ هن بيماري جي منتقلي جا عام ذريعا غير محفوظ رت جي منتقلي، غير منظم نجي بلڊ بئنڪن ۽ سڀني لاءِ اسڪريننگ جي کوٽ، بار بار استعمال ٿيل ۽ جراثيم کان پاڪ نه ڪيل سرنجن ۽ سوئين سان انجيڪشن، جراحي عمل، ڏندن جو علاج، جسم ۾ سوراخ ڪرائڻ، ٽيٽو ٺهرائڻ ۽ حجامن وٽ شيونگ ڪرائڻ شامل آهن.
ڊبليو ايڇ او جي گلوبل هيپاٽائٽس رپورٽ 2026 موجب، وائرل هيپاٽائٽس بي ۽ سي، جيڪي دنيا ۾ هيپاٽائٽس سان لاڳاپيل 95 سيڪڙو موتن جا ذميوار آهن، سال 2024ع ۾ 13 لک 40 هزار ماڻهن جون حياتيون ڳڙڪائي ويون. ساڳئي وقت، بيماري جي منتقلي به جاري رهي، جتي هر روز 4,900 کان وڌيڪ نوان ڪيس سامهون آيا.
ڊبليو ايڇ او پاڪستان سان گڏجي سائنسي بنيادن تي رهنمائي ۽ سهڪار جاري رکندي، جيئن بچاءُ جا قدم وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجن، جنهن ۾ ڄمڻ کان 24 ڪلاڪن اندر نون ڄاول ٻارن کي هيپاٽائٽس بي جي ويڪسين لڳائڻ پڻ شامل آهي، ۽ هر ماڻهو کي، ڀلي هو ڪٿي به رهي يا ڪنهن به سماجي پسمنظر سان تعلق رکي، تشخيص ۽ علاج جون سهولتون فراهم ڪري سگهجن.










