واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس چيو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوري طور چونڊيل سولين حڪومت آهي.پريس بريفنگ ۾ نيڊ پرائس چيو ته پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ تعاون جاري آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون سيڪيورٽي ۽ معيشت تي آهي.نيڊ پرائس وڌيڪ چيو ته ڊپٽي سيڪريٽري آف اسٽيٽ وينڊي شرمين پاڪستان جي آرمي چيف سان ملاقات ڪئي. آمريڪي عملدارن پاڪستان جي اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪيون آهن.هن چيو ته پاڪستان سان افغان عوام جي مستقبل بابت ڳالهيون جاري آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ سڪيورٽي صورتحال ۽ خطي جي چئلينجز تي مسلسل ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ نيڊ پرائس چيو ته آمريڪي انتظاميه اسرائيل ۽ ٻين عرب ۽ مسلمان ملڪن وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.پريس بريفنگ ۾ نيڊ پرائس يوڪرين جنگ جو ذڪر ڪندي چيو ته جيڪڏهن روس تعميري ڳالهين لاءِ سنجيده آهي ته ان کي پهريان يوڪرين تي حملا بند ڪرڻ گهرجن.ان کان اڳ روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته سندس ڳالهين لاءِ دروازا کليل آهن پر کيس اڃا تائين ڳالهين لاءِ ڪا سنجيده تجويز نه ملي آهي.










