اسلام آباد (بيورو رپورٽ): وزارت خزانه پاران جاري ڪيل ماهوار معاشي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ ڊگهي عرصي لاءِ مهانگائي جي شرح وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي. رپورٽ موجب گذريل مالي سال مهانگائي جي اوسط شرح 7.1 سيڪڙو هئي جيڪا جون ۾ وڌي 11.1 سيڪڙو ٿي وئي هئي، جڏهن ته جولائي ۾ هيءَ شرح 9 کان 10 سيڪڙو جي وچ ۾ رهي سگهي ٿي. وزارت خزانه چيو آهي ته مشرق وسطيٰ جي ڇڪتاڻ پاڪستاني معيشت تي اثرانداز ٿي سگهي ٿي، پر برآمدات 30 ارب ڊالر کان وڌڻ ۽ ترسيلاِت زر 41 ارب ڊالر تائين پهچڻ سبب مجموعي معيشت مستحڪم رهندي.










