پاڪستان ۾ نظرياتي سياست ختم ٿي چڪي آهي؛ فاروق ستار

پاڪستان ۾ نظرياتي سياست ختم ٿي چڪي آهي؛ فاروق ستار

نوابشاهه/ سڪرنڊ (اي ڪي ڏاهري/ راج ڪمار اوڏ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر فاروق ستار نوابشاهه ۾ هيومن رائٽس ڏهاڙي جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو الميو آھي ته ھتي نظرياتي سياست ختم ٿي رھي آھي ھاڻي سياست رڳو ڪرسي ۽ مفادن جي لاءِ ٿي رھي آھي. جڏھن به جمھوري حڪومت آئي ان ۾ سويلين آمريت ھوندي آھي ۽ ھينئر به اھو ٿي رھيو آھي. پاڪستان ۾ آئين ۽ جمھوريت کي عوام تائين پھچڻ ئي نه پيو ڏنو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته مون کان پڇيو وڃي ٿو ته منھنجو تعلق ڪھڙي  جماعت سان آھي شاگرد يونين جي بحالي ضروري ھجڻ گھرجي سياست ۾ جيڪي مسئلا آھن اھي شاگرد تنظيمن تي پابندي جي ڪري آھن. پي ٽي آئي  جا نظرياتي ووٽر ڪارڪن به مايوسي جا شڪار آھن وزيراعظم عمران خان جو رويو سياسي ناھي جيڪڏهن هو عوام جي ووٽن سان کٽي آيو آھي ته پنھنجو رويو سياسي رکي. ملڪ ۾ معاشي بحران وڌي رھيو آھي اگر سياسي بحران به ٿيو ته نظام ڪمزور ٿي ويندو. ٻئي طرف سڪرنڊ پريس ڪلب جي وفد سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته الطاف حسين جي سياست جو باب ختم ٿي چڪو آهي هن کي موقعو مليو پر هن پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙو هڻي سياسي طور پنهنجا سڀ گس بند ڪري ڇڏيا آھن.

هن چيو ته سنڌ جي دل شهر ڪراچيءَ جي نالي تي رڳو سياست ٿي رهي آهي جڏھن ته عملي ڪم ناهي پوري پاڪستان ۾ فنڊز جي ورڇ ايمانداري ۽ هڪجهڙائي جي بنياد تي هئڻ گهرجي پر جيڪو علائقو، ڳوٺ يا شهر وڌيڪ ڏتڙيل هجي اتي وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته هُو عوامي ليڊر آهي ان ڪري ئي عوام لاءِ پتوڙيان پيو اوتري ئي عوام پاران موٽ ملي رهي آهي جيسين سسيءَ ۾ ساھُ آهي فلاحي ڪم ڪندو رهندس. هن کان سوال پڇيو ويو ته ڇا موجوده حالتن سبب ايم ڪيو ايم لنڊن وانگر مسلم ليگ ن به (ن لنڊن) ٿيڻ ته نه پئي وڃي جنهن تي کلندي جواب ڏنئين ته پاڪستان آهي ڪجھ به ٿي سگهي ٿو. عمران خان جي حڪومت تي ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان کي طرز حڪمراني ۾ تبديلي آڻڻي پوندي ڇاڪاڻ جو ملڪي معاشي حالتون درست سمت ڏانهن ناهن جڏھن ته ڪنهن به ملڪ جي مضبوطي سندس مالي حالتن جي بهتري سبب هونديون آهن. هن اهو به چيو ته ملڪ رياض وٽان مليل اربين روپيا پهرين ڪراچيءَ تي پوءِ ٻين شهرن تي خرچ ڪيا وڃن ڇاڪاڻ جو اها رقم ڪراچيءَ جي زمينن جي آهي ساڻس گڏ حيدرآباد مان چونڊيل ايم اين اي محمد وسيم پڻ موجود هيو. ان موقعي تي سينئر صحافي عبدالتواب شيخ کيس پنهنجو لکيل ڪتاب تحفي طور پيش ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو