گوگل ايپس ڊائون لوڊ ڪرڻ جي سهولت برقرار رهندي، امين الحق

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير امين الحق جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ مفت گوگل ايپليڪيشنز جي سروس جاري رهندي.آءِ ٽي واري وفاقي وزير امين الحق ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي خط موڪليو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ جي آءِ ٽي وزارت کي خط لکي سمورن ٽيلي ڪام آپريٽرز طرفان ان حوالي سان خدشو ظاهر ڪيو ويو، وزارت سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشوري کانپوءِ اسان ناڻي کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو. امين الحق چيو ته ٽيلي ڪام انڊسٽري اڳ ئي متاثر ٿي رهي آهي، اهڙا فيصلا معاملا وڌيڪ خراب ڪري سگهن ٿا، اسٽيٽ بئنڪ جي ادائيگين جي معطلي سان پاڪستان ۾ گوگل ايپليڪيشن سروسز معطل ٿي وينديون، جڏهن ته عالمي ادارن کي ادائيگين جي معطلي سان پاڪستان جي ساک متاثر ٿي سگهي ٿي.وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ مفت گوگل ايپليڪيشنز جون خدمتون جاري رهنديون پر پيڊ ايپليڪيشن استعمال ڪندڙ ماڻهن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته ناڻي وارو وزير معاملي جو فوري نوٽيس وٺي ۽ اسٽيٽ بئنڪ کي ادائيگي جاري رکڻ جي هدايت ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو