پاڪستان ۾ سون 1100 روپيا مهانگو بجلي 64 پيسا سستي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سون مهانگو ۽ بجلي ٿوري سستي ڪئي وئي آهي. هڪ ڏينهن ۾ 1100 روپيا في تولو سون جي قيمت ۾ واڌ بعد نئين قيمت في تولو هڪ لک 5 هزار 500 روپيا ٿي وئي آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ 25 ڊالر في اونس سون جي اگهه ۾ واڌ ٿي آهي ۽ هاڻي قيمت 1820 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي. ٻئي پاسي نيپرا پاران تيل جي اگهن ۾ واڌ ۽ لاٿ جي فارمولي موجب 64 پيسا في يونٽ بجلي سستي ڪئي وئي آهي. مارچ جي بلن ۾ صارفين کي اها ايڊجسٽمينٽ ملندي. نيپرا موجب 300 يونٽ کان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙن کي هي سهولت نه ملندي.

پهنجو تبصرو موڪليو