ملڪ ٽٽڻ جو سبب آئين بدران آمراڻو راڄ آهي: جسٽس فائز عيسيٰ

ملڪ ٽٽڻ جو سبب آئين بدران آمراڻو راڄ آهي: جسٽس فائز عيسيٰ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته پاڪستان ۾ حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته ڪنهن طرح 5 سال گذري وڃن.آمريڪا جي هارورڊ يونيورسٽي ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته گورننس تان ڌيان هٽايو پيو وڃي، وڏن مسئلن تي ڪم نٿو ٿي سگهي.هن چيو ته آئين ۾ تبديلي پارليامينٽ جو ڪم آهي، جج ڪنهن تبديلي جي تجويز نٿو ڏئي سگهي.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڌيڪ چيو ته ملڪ ٽٽڻ جو سبب جمهوريت جو فقدان ۽ آمراڻو راڄ آهي، آئيني ڪردار ۽ جمهوريت ئي ملڪ جو بنياد آهي. جيستائين آئين قائم رهندو تيستائين ملڪ به قائم رهندو.هن چيو ته دهشتگرديءَ سبب جج به متاثر ٿيا آهن، قرآن چوي ٿو ’اقرا‘ جو مطلب آهي پڙهو، ڪو به تعصب ناهي، پر هتي مذهب جو غلط استعمال ڪيو ويو آهي.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته آمريڪي سپريم ڪورٽ 100 سال پراڻي گن ڪنٽرول ڪيس جا فيصلا تبديل ڪيا، آمريڪا ۾ ڪيل فيصلا ٻين ملڪن کي به پيغام ڏين ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو