پاڪستان ۾ ايئر ٽيڪسي سروس شروع ٿي وئي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ايئر ٽيڪسي سروس 18 جون کان شروع ٿيندي، جنهن لاءِ 2 جديد جهاز ڪراچي پهچي ويا آهن خانگي هوائي ڪمپني اسڪائي ونگز ايوي ايشن جي سي او او عمران اسلم خان موجب پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ايئر ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ لاءِ معاملا آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويا آهن، جنهن لاءِ ٻه جديد جهاز ڪراچي پهچي ويا آهن. عمران اسلم موجب ايئر ٽيڪسي سروس استعمال ڪرڻ لاءِ آن لائن ايپليڪيشن به ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ دستياب ٿي ويندي ۽ ان سروس ذريعي ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ ايمرجنسي ٽرانسپورٽ به ممڪن ٿي ويندي. اسڪائي ونگز ايوي ايشن جي سي اي او عاصم نواز ميڊيا کي ٻڌايو ته ايئر ٽئڪسي ذريعي هوائي اڏن تي جهازن کي لينڊ ۽ ٽيڪ آف ڪرڻ ممڪن بڻايو ويندو جڏهن ته ايئر ٽيڪسي سروس باضابطه طور تي 18 جون تي شروع ڪئي ويندي. عاصم نواز موجب آن لائين ايئر ٽيڪسي سروس اڌ قيمت تي فراهم ڪئي ويندي، انٽرنيشنل ڪمپنيون به ڪاروبار ۾ شامل ٿيڻ لاءِ رابطو ڪري رهيون آهن. شروعاتي طور تي ايئر ٽيڪسي سروس پاڪستان جي 9 ايئرپورٽن لاءِ هلائي ويندي، پرائيويٽ ايئرپورٽن کان علاوه رحيم يار خان ۽ بلوچستان ۾ به ڪجهه وقت لاءِ ان سروس کي سڄي ملڪ ۾ پکڙيو ويندو، آن لائين ٽيڪسي سروس ذريعي سڪيورٽي مسئلن سبب هڪ درجن واپاري ۽ ٻيا ماڻهو بلوچستان سميت مختلف علائقن ڏانهن سفر ڪري سگهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو