پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا ڏهاڪن تي ٻڌل آهن: بلاول ڀٽو

پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا ڏهاڪن تي ٻڌل آهن: بلاول ڀٽو

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. سي پيڪ منصوبو خطي جي لاءِ اهم ثابت ٿيندو.نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپا ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. چين ۽ پاڪستان ۾ اهم ڀائيواري آهي. روس سان به اقتصادي لاڳاپا چاهيون ٿا.پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو ته ٽي ٽي پي دهشتگردي ۾ ملوث آهي. دهشتگردن کي منهن ڏيڻ لاءِ افغان اختيارين سان رابطي ۾ آهيون. مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي. افغانستان جي نئين حڪومت مان پاڪستان کي گهڻيون اميدون آهن. افغان اختيارين کان دهشتگردن خلاف سخت قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان دهشتگردي سبب سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ آهي. پاڪستان سميت سڄي دنيا موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿي رهي آهي. موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عراق سان معاشي ۽ واپاري شعبن ۾ لاڳاپا چاهيون ٿا. ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن. نجف اشرف ۾ جلد پاڪستاني قونصل خانو ڪوکولينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو