تاشقند(ويب ڊيسڪ)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪيو آهي ته سيپٽمبر ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وزيراعظمن جي ملاقات جو ڪو به پلان ناهي.بلاول ڀٽو زرداري تاشقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس کي خطاب ڪيو ۽ اجلاس جي سائيڊ لائن تي روسي پرڏيهي وزير سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ان موقعي تي بلاول ڀٽو چيو ته ڀارت اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي، توهان ڪيتريون ئي شيون چونڊي سگهو ٿا پر پاڙيسري نه، اسان کي پاڙيسري سان گڏ رهڻ جي عادت پيدا ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته آگسٽ 2019ع کانپوءِ ڀارت سان تعميري ڳالهيون ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي، ڀارتي سياستدانن جا اسلام فوبڪ بيان ڳالهين کي مشڪل بڻائي رهيا آهن.بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي شنگھائي تعاون تنظيم جو حصو آهن، ٻئي ملڪ رڳو ايس سي او جي وسيع بنيادن تي ڪارروايون ڪري رهيا آهن پر ڀارت سان ڪنهن به ٻطرفي ملاقات جو ڪو به پلان ناهي.هن وڌيڪ چيو ته هو پنهنجي عوام لاءِ معاشي موقعا ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هو آمريڪا سميت سمورن ملڪن سان اقتصادي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.










