ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي بحري فوجن مشق نصل البحر دوران پنهنجي فائر پاور جو مظاهرو ڪيو.پاڪستان ۽ يو اي اي جي بحري ۽ هوائي يونٽن اتر عربي سمنڊ ۾ ميزائل فائرنگ جون مشقون ڪيون.ترجمان موجب پاڪستان نيوي ۽ يو اي اي نيوي جي يونٽن ڪاميابي سان پنهنجي هدف کي نشانو بڻايو.ترجمان ان حوالي سان ٻڌايو ته نيول چيف ايڊمرل امجد خان نيازي ۽ يو اي اي نيوي جي عملدارن ميزائل فائرنگ کي ڏٺو.










