اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ ترجيحي واپاري معاهدو ٿي ويو آهي، معاهدي تي باضابطا صحيحون اڄ ڪيون وينديون. ان سلسلي ۾ ترڪي جو واپار وارو وزير ڊاڪٽر محمد موس 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو آهي.ڪالهه اڱاري ڏينهن اسلام آباد ايئرپورٽ تي واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ سرڪاري عملدارن ترڪ وزير جو ريڊ ڪارپيٽ تي استقبال ڪيو.وفاقي وزير سرڪاري مهمان کي گلدستا پڻ پيش ڪيو. ترڪ وزير اعليٰ سطحي وفد سان گڏ آهي.










