پاڪستان گولڊ گرينز کي شڪست ڏئي نيشنل چيمپينز ڪپ کٽي ورتو

پاڪستان گولڊ گرينز کي شڪست ڏئي نيشنل چيمپينز ڪپ کٽي ورتو

ملتان (اسپورٽس ڊيسڪ)شامل حسين ۽ سعد خان جي شاندار سينچريون ۽ ڪپتان شاهين شاهه آفريديءَ جي هيٽ ٽرڪ سميت 7 وڪيٽون وٺڻ جي بدولت پاڪستان گولڊ، پاڪستان گرينز کي 101 رنسن تان شڪست ڏئي نيشنل چيمپينز ڪپ ون ڊي ڪريڪٽ ٽورنامينٽ پنهنجي نام ڪري ورتو آهي.ملتان ڪريڪٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل فائنل ميچ ۾ ٽاس کٽي پاڪستان گولڊ پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان گولڊ جي ٽيم اننگز جي آخري بال تي 340 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. سندن پاران سعد خان 112 رنسون ۽ شامل حسين 111 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. پاڪستان گرينز پاران فهيم اشرف، شاداب خان ۽ نسيم شاهه 2–2 وڪيٽون حاصل ڪيون.341 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ پاڪستان گرينز جي ٽيم شاهين شاهه آفريديءَ جي تباهه ڪن بالنگ سبب 38ين اوور ۾ 239 رنسن تي ڍير ٿي وئي. گرينز پاران سعد بيگ 67 ۽ عمير يوسف 44 رنسون ٺاهي سگهيا.

پهنجو تبصرو موڪليو