’پاڪستان گرمي کان بچاءَ لاءِ فوري جامع پاليسي جوڙي‘

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنيسٽي انٽرنيشنل سنڌ جي شهر جيڪب آباد کي ڌرتي جي گولي تي سڀن کان وڌيڪ گرم ترين علائقو قرار ڏيندي پاڪستان حڪومت تي زرو ڀريو آهي ته هو غربت جو شڪار پنهنجي عوام جي زندگي وارن انساني حقن جي تحفظ لاءِ جوڳا اپاءَ وٺي. ماحوليات جي عالمي ڏينهن تي جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان ان جي منهن ۾ آهي. رپورٽ ۾ دنيا جي سمورن ملڪن تي زور ڀريو ويو آهي ته هو وڌندڙ گرمي جي پد کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي هيٺ اپاءَ وٺن. امير ملڪ ان ڏس ۾ اڳتي اچن ۽ لاپرواهي نه ڪئي وڃي. رپورٽ ۾ ڄاڻايل آهي ته جيڪب آباد کي دنيا جو گرم ترين علائقو ان ڪري قرار ڏنو آهي ته گذريل سال هتي گرمي جو پد 52 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو.’برننگ ايمرجنسي‘ جي عنوان سان جاري ڪيل رپورٽ ۾ پاڪستان تي زور ڀريو ويو آهي ته عالمي معيارن ۽ انساني حقن جي قانونن موجب هو بنا دير پاليسي واضح ڪري ان تي عمل ڪرائي. رپورٽ موجب ايمنسٽي انٽرنيشنل 45 اهڙن ماڻهن جا انٽرويو ڪيا جيڪي گرميءَ جي وڌيڪ خطري ۾ آهن، جن ۾ زرعي مزدور، هاري، بٺن تي مزدوري ڪندڙ، ڪارخانن ۾ اس ۾ ڪم ڪندڙن، ڊليوري بوائز، پوليس آفيسر، ۽ صفائي سٿرائي جي عملي سميت مختلف شعبن جا مانگو شامل آهن. تفصيلي رپورٽ پڙهڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو

پهنجو تبصرو موڪليو