پاڪستان: ڪورونا جا وڌيڪ 4 مريض فوت ٿي ويا

پاڪستان: ڪورونا جا وڌيڪ 4 مريض فوت ٿي ويا

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 4 ڪورونا مريض فوت ٿي ويا.ملڪ ڪورونا جي مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ 52 هين نمبر تي آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسن جي شرح 2.80 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 510 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي متاثر ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي.ڪورونا وائرس جي علاج هيٺ 164 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.پاڪستان ۾ هن وقت تائين 30 هزار 548 ڪورونا وائرس جا مريض فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته مريضن جو انگ 15 لک 65 هزار 319 تائين پهچي ويو آهي.ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 18 هزار 212 وڌيڪ ڪورونا وائرس جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 2 ڪروڙ 98 لک 10 هزار 303 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو