پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ٽه ملڪي سيريز لاءِ نيوزيلينڊ رواني

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ٽه ملڪي سيريز لاءِ نيوزيلينڊ رواني

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ملڪي سيريز ۾ شرڪت لاءِ پرڏيهي اڏام ذريعي نيوزيلينڊ روانو ٿي وئي.پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم رات دير سان لاهور ايئرپورٽ پهتي، قومي اسڪواڊ سڊني کان آڪلينڊ ۽ پوءِ پرڏيهي اڏام ذريعي ڪرائسٽ چرچ پهچندو.اسڪواڊ ۾ 16 رانديگر ۽ 13 سپورٽ اسٽاف شامل آهن.ٽه ملڪي سيريز ۾ پاڪستان کان علاوه بنگلاديش ۽ ميزبان نيوزيلينڊ جون ٽيمون شامل آهن.پاڪستان سيريز ۾ پنهنجي پهرين ميچ 7 آڪٽوبر تي بنگال ٽائيگرز خلاف کيڏندي جڏهن ته سيريز جو فائنل 14 آڪٽوبر تي کيڏيو ويندو، جنهن کانپوءِ قومي ٽيم 15 آڪٽوبر تي آسٽريليا پهچندي.پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ شروع ٿيڻ کان اڳ 17 ۽ 19 آڪٽوبر تي پريڪٽس ميچون کيڏندي.

پهنجو تبصرو موڪليو