اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جي شرح ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران هن موذي مرض سبب وڌيڪ 3 مريض حياتيون وڃائي ويٺا.ملڪ ڪورونا جي مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ 53هين نمبر تي آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسن جي شرح صرف 0.36 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.پاڪستان ۾ وڌيڪ 43 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي.ڪورونا وائرس جي علاج هيٺ 47 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.پاڪستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جا 30 هزار 616 مريض فوت ٿي چڪا آهن.ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي انگ 15 لک 72 هزار 598 ٿي ويو آهي.ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 11 هزار 970 وڌيڪ ڪورونا وائرس جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 3 ڪروڙ 5 لک 31 هزار 764 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.










