اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي ڪنهن جلوس ڌرڻي جي نه پر معاشي استحڪام جي ضرورت آهي. ضلعي ايجوڪيشن رپورٽ 2023ع جاري ٿيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن ان ڳالهه تي افسوس ظاهر ڪيو ته مسلم ليگ ن پاران ماضي ۾ انساني وسيلن جي ترقي ۾ڪيل سڌارا سياسي عدم استڪا م جا شڪار ٿيا، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي دنيا ۾ مقابلو ڪرڻ لاءِ نوجوانن کي نوان هنر سيکارڻا پوندا، احسن اقبال چيو ته نوجوانن کي ملڪ جي معاشي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ترقي لاءِ رڳو انفررا اسٽرڪچر ڪافي ناهي، دنيا ۾ ڪو به ترقي يا فته ملڪ اهڙو ناهي جنهن تعليم جي شعبي کي نظر انداز ڪري ترقي ڪئي هجي، تعليم جي شعبي تي گهٽ ڌيان ترقي جي سفر ۾ وڌي رنڊڪ آهي، جنهن نموني ليپ ٽاپ ٺيهو، سوفٽويئر بي معنيٰ آهي، اهڙي طرح تعليم کان سواءِ اسان جٽادار ترقي جو تصور نٿا ڪري سگهون، احسن اقبال چيو ته ميڊيا سياسي جهرڙن تي ڌيان ڏرڻ بدران تعليم صحت سماجي سطح تي بنيادي مسئلن کي ڪوريج ڏئي.










