پاڪستان کي مضبوط بڻائڻ لاءِ غريبن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو پوندو: زرداري

پاڪستان کي مضبوط بڻائڻ لاءِ غريبن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو پوندو: زرداري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان کي مضبوط بڻائڻ لاءِ غريبن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو پوندو،نئين سال جو سج نين اميدن، نيون اميدن ۽ نون خوابن سان اڀريو آهي، ان موقعي تي صدر ملڪ قوم ۽ عالمي برادري کي نئين سال جي مبارڪباد ڏني آهي،پنهنجي بيان ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته دعا آهي ته نئون سال پاڪستاني قوم لاءِ امن، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي آڻي، اميد آهي ته نئون سال عالمي سطح تي ترقي ۽ خوشحالي ۽ امن ۽ استحڪام جو سال هوندو،هن چيو ته ملڪ کي چيلينجز مان ڪڍڻ لاءِ اتحاد، نظم و ضبط، محنت ۽ لگن سان ڪم ڪرڻو پوندو، موقعا فراهم ڪري نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، ترقي تي ڌيان ڏيڻو پوندو،هن چيو ته گذريل سال جي ڪاميابين ۽ ناڪامين جو جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي ۽ سال جي شروعات ۾ عوام جي خدمت، امن ۽ استحڪام لاءِ محنت ڪرڻ جو عزم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو