راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪ فوج جي ترجمان ڀارتي آرمي چيف جي بيان تي سخت رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته ڀارتي آرمي چيف جو پاڪستان کي دهشتگردي جو مرڪز قرار ڏيڻ حقيقتن جي ابتڙ آهي.پاڪستان فوج جي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي آرمي چيف جو بيان ڀارت جي پٽيل موقف جي مئل گهوڙي ۾ جان وجهڻ جي ناڪام ڪوشش آهي.آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جنرل آفيسر ذاتي طور تي والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين تي ٿيندڙ انتهائي ظالمانه جبر جي نگراني ڪئي. ڀارتي آرمي چيف جا بيان ڀارت پاران والاريل ڪشمير ۾ ظلم تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي،پاڪ فوج جي ترجمان موجب هي دنيا جو ڌيان اقليتن جي اندروني ظلم ۽ هندستان جي بين الاقوامي ظلم کان هٽائڻ جي ڪوشش آهي. اهڙا سياسي غلط بيان هندستاني فوج جي سياسي سوچ جي عڪاسي ڪن ٿا. پاڪستان اهڙن بي بنياد بيانن جي سخت مذمت ۽ رد ڪري ٿو.










