پاڪستان ڀارت وومين ڪرڪيٽ ٽيمون اڄ آمهون سامهون ٿينديون

پاڪستان ڀارت وومين ڪرڪيٽ ٽيمون اڄ آمهون سامهون ٿينديون

برمنگهم (ويب ڊيسڪ)برمنگهم ۾ جاري ڪمن ويلٿ گيمز جي ٽي 20 ايونٽ ۾ روايتي حریف پاڪستان ۽ ڀارت جون وومين ٽيمون اڄ آمهون سامهون ٿينديون.ايونٽ ۾ ٻئي ٽيمون اڃا تائين ڪو به پوائنٽ حاصل نه ڪري سگهيون آهن، پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ ميچ اڄ منجهند 3 وڳي شروع ٿيندي.ياد رهي ته پهرين ميچ ۾ آسٽريليا ڀارت کي شڪست ڏني هئي جڏهن ته پاڪستان وومين ٽيم بارباڊوس کي 15 رنسن تان شڪست ڏني هئي.پاڪستان خلاف ٽاس کيڏندي بارباڊوس مقرر 20 اوورن ۾ 144 رنسون ٺاهيون، ڪپتان هيلي ميٿيوز 51 رنسون ٺاهيون، ڪيشيانائيٽ 62 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي.پاڪستان طرفان فاطمه ثنا 2 ۽ ڊيانا بيگ هڪ وڪيٽ ورتي.هدف جي تعاقب ۾ پاڪستاني وومين ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 129 رنسون ٺاهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو