سجاول ( ڊ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي سجاول جو اجلاس منعقد ڪيو ويو۔ پ پ آفيس سجاول ۾ پ پ ضلعي سجاول جي صدر ۽ ايم پي اي محمد علي خان ملڪاڻي جي صدارت هيٺ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي 15 مئي تي ڪراچي آمد تي سندس تاريخي استقبال ڪرڻ واري پروگرام ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ جي ايجنڊا تي اجلاس ٿي گذريو۔ جنهن ۾ پيپلز پارٽي سجاول جي ايم اين اي اياز علي شاه شيرازي، جنرل سيڪريٽري ۽ ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسميبلي ريحانہ لغاري، ایم پي اي هير سوهو، ايم پي اي شاه حسين شاهه شيرازي، سابق پ پ ضلعي ٺٽي جو صدر ارباب وزير ميمڻ، ارباب ڪامران وزير ميمڻ، ضلعي اطلاعات سيڪريٽري منظور رحيم پليجو. اقبال چانڊيو، مينارٽي ونگ جي ڊاڪٽر هريش ڪمار، ليڊيز ونگ جي فردوس عزيز ميربحر، دانش ملڪاڻي، شاھ مير گبول، ڊاڪٽر اقبال ميمڻ، سردار رميز زئور، شاھ رخ شاھ بخاري، شاهزيب شاھ بخاري، ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري نجيب سانگي سرويچ، عبدالواحد پرهياڙ، موسيٰ لغاري، غلام مصطفيٰ لغاري، زاهد کڏو، غياث ميمڻ، قادر ڪنڀار، امير حيدر پليجو، زاهد چانڊيو، عبدالغني رهمون، پ پ منارٽي ونگ جنرل سيڪريٽري اشوڪ ڪمار. جاني جوڳي. کيمون مل. پنهون ساگر سميت ٻين اڳواڻن ۽ ٻين ڪارڪنن شرڪت ڪئي۔ اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو تہ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي 15 مئي تي ڪراچي آمد جي موقعي تي استقبال ڪرڻ واري پروگرام ۾ پ پ سجاول پاران هزارين جيالن سان گڏ ڀرپور شرڪت ڪئي ويندي۔ پ پ اڳواڻن چيو تہ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو 15 مئي تي ڪراچي پهچڻ تي تاريخي استقبال ڪيو ويندو۔










