نوشهروفيروز (مشتاق حسين مري) پاڪستان پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن 2076 صوبه سنڌ پاران ڪميونٽي ھال نوشھروفيروز ۾ ڪنوينشن ٿي گذريو جنھن جي صدارت آل پاڪستان پيراميڊيڪل اسٽاف فيڊريشن جي مرڪزي صدر شرافت الله خان يوسفزئي ڪئي جڏھن ته مرڪزي اڳواڻن ۾ محمد ارشد خان ملڪ، منير احمد ممتاز علي جتوئي، فضل قيوم، ملڪ ذيشان، ڊي ايڇ او نوشھروفيروز ڊاڪٽر نثار عباسي، سول سرجن ڊاڪٽر عبدالله تنيو سميت سنڌ جي سمورن ضلعن مان آيل پيرا ميڊيڪل اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صوبائي صدر خادم حسين مستوئي، خان محمد جمالي، محمد اشرف قريشي، محمد يونس وسڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن واحد غير سياسي جماعت آھي جنھن جو مقصد پيراميڊيڪل اسٽاف جي حقن جي پاسداري ڪرڻ سان گڏوگڏ اسپتالن اندر مريضن کي بنيادي سھولتون ڏيڻ آھي پر حڪومت اسان جا جائز مطالبا مڃڻ لاءِ تيار ناھي جن ۾ ٽائيم اسڪيل، ھيلٿ پروفيشنل الائونس، فوتي ڪوٽا جو آسان طريقيڪار، ملازمن جي اولاد کي نوڪريون ڏيڻ، رٽائرڊ ملازمن کي ھيلٿ انشورنس، صحت کاتي مان اين جي اوز جو خاتمو شامل آھي.

اڳواڻن حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي سنڌ جي پيراميڊيڪل اسٽاف جا مطالبا تسليم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ انھن مطالبن جي مڃتا لاءِ 10 ڊسمبر تي ڀٽ شاھه کان ڪراچيءَ تائين لانگ مارچ ۽ احتجاجي تحريڪ جو آغاز ٿيندو. اڳواڻن چيو ته اھا احتجاجي تحريڪ تيستائين جاري رھندي جيستائين سمورا مطالبا تسليم نه ٿا ڪيا وڃن ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻن ان لانگ مارچ ۽ احتجاجي تحريڪ جي مڪمل حمايت ڪندي حڪومت سنڌ کي الٽيميٽم ڏنو ته جيڪڏھن پيراميڊيڪل جا مطالبا وقت تي تسليم نه ڪيا ويا ته پاڪستان جي چئني صوبن ۾ ڪشمير گلگت بلتستان تائين پڻ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.










