پاڪستان پاران ڪروز ميزائل رعد 2 جو ڪامياب تجربو

پاڪستان پاران ڪروز ميزائل رعد 2 جو ڪامياب تجربو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جديد ٽيڪنالوجي واري ڪروز ميزائيل رعد 2 جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. جيڪو فضا مان زمين تي 600 ڪلوميٽر تائين پنهنجي ٽارگٽ کي نشانو بنائي سگهي ٿو. فوجي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب هن ميزائيل ۾ جديد نيوي گيشن سيسٽم آهي جنهن سان مقرر ڪيل ٽارگٽ تي ڪاميابي سان هٽ ڪري ٿو. هي ميزائيل جنگي جهاز مان فائر ڪيو ويو. تجربي دوران ڊائريڪٽر جنرل اسٽريٽيجڪ پلانز ڊويزن ليفٽيننٽ جنرل نديم زڪي، چيئرمين نيسڪام ڊاڪٽر نبيل حيات ملڪ ۽ ٻيا سينئر آفيسر به موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو