پاڪ آمريڪا ٻه طرفا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا

پاڪ آمريڪا ٻه طرفا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ميئر جي اڳواڻي ۾ هڪ آمريڪي وفد وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستاني وزيراعظم ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ آمريڪي انتظاميا سان ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جو دورو ڪندڙ ايرڪ ميئر جي اڳواڻي ۾ آمريڪي وفد وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۾ معدنيات جي شعبي ۾ وسيع صلاحيت موجود آهي، ۽ آمريڪي ڪمپنين کي هن ترجيحي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي وزيراعظم آمريڪا سان ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ آمريڪي انتظاميا سان ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو

پهنجو تبصرو موڪليو