پاڪستان پاران روس کان خام تيل، پيٽرول ۽ ڊيزل درآمد ڪرڻ جو فيصلو

پاڪستان پاران روس کان خام تيل، پيٽرول ۽ ڊيزل درآمد ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) پاڪستان روس کان خام تيل، پيٽرول ۽ ڊيزل درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.روس ۽ پاڪستان وچ ۾ بين الصوبائي ڪميشن جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي توانائي واري وزير مصدق ملڪ چيو ته روس کان خام تيل جي خريداري ۽ پاڪستان اسٽريم گئس پائيپ لائين بابت ڍانچي کي مارچ ۾ حتمي شڪل ڏني ويندي، پيٽرول ۽ ڊيزل درآمد شروع ٿي ويندي. هن چيو ته هن وقت روس وٽ پاڪستان کي ڏيڻ لاءِ ايل اين جي ناهي، پاڪستان پنهنجي ڪل خام تيل جي ضرورت جو 35 سيڪڙو روس کان درآمد ڪرڻ چاهي ٿو.
روس ۽ پاڪستان توانائي تعاون جي جامع منصوبي تي ڪم ڪرڻ تي اتفاق
پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته تيل ۽ گئس جي واپاري لنگهه لاءِ اهڙو ڍانچو ٺاهيو وڃي جنهن سان ٻنهي ملڪن کي فائدو ٿئي، روس ۽ پاڪستان توانائي تعاون جي جامع منصوبي تي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، پاڪستان توانائي جي فراهمي جي لاءِ جامع انفراسٽرڪچر تي غور ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو آهي. اسٽريم گيس پائيپ لائين پروجيڪٽ جڏهن ته پاڪستان اسٽريم گيس پائيپ لائين ذريعي سستي گيس جي فراهمي لاءِ پائيدار انفراسٽرڪچر تعمير ڪرڻ تي غور ڪيو ويو.بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ڪسٽم معاملن ۾ سهڪار، پاڪستان-روس واپارين جي ڪسٽم ويليو بابت هڪ دستاويز ۽ ڊيٽا ٽرانزيڪشن جي معاهدي تي پڻ صحيحون ڪيون ويون.گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته پاڪ-روس ايئرونٽيڪل پراڊڪٽس جي فضائي صلاحيت تي ڪم ڪرڻ جو معاهدو به طئي ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو