پاڪستان وومين فٽبال ٽيم 8 سالن کانپوءِ پهريون انٽرنيشنل ميچ کيڏڻ لاءِ تيار

پاڪستان وومين فٽبال ٽيم 8 سالن کانپوءِ پهريون انٽرنيشنل ميچ کيڏڻ لاءِ تيار

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان وومين فٽبال ٽيم 8 سالن کانپوءِ سڀاڻي پنهنجي پهرين انٽرنيشنل ميچ کيڏندي.ساف وومينز ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت سڀاڻي آمهون سامهون ٿيندا، ان کان اڳ پاڪستان وومين ٽيم آخري ڀيرو 2014ع ۾ انٽرنيشنل ميچ کيڏي هئي، موجوده اسڪواڊ ۾ 8 سالن جي اڳوڻي اسڪواڊ مان 7 رانديگر شامل آهن.پاڪستان وومين فٽبال ٽيم جي ڪپتان ماريا خان جو چوڻ آهي ته پاڪستان وومين ٽيم جي رانديگرن جي عالمي مقابلي ۾ واپسي تي خوشي آهي، هي هڪ تاريخي لمحو آهي جنهن تي هر رانديگر پرجوش آهي.هن وڌيڪ چيو ته اسان ڪوشش ڪنداسين ته 2022 ۾ ٿيندڙ ساف ڪپ ۾ سٺي کيڏنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو