پاڪستان ون چائنا جو حامي آهي، تائيوان چين جو حصو آهي

پاڪستان ون چائنا جو حامي آهي، تائيوان چين جو حصو آهي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آئرن برادر جي حيثيت سان پاڪستان هميشه تائيوان تي چين جي موقف جي اصولي حمايت ڪئي آهي ۽ ڪندو رهندو.پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ون چائنا پاليسي تي عمل ڪري ٿو ۽ تائيوان کي عوامي جمهوريه چين جو اڻٽٽ حصو تسليم ڪري ٿو.شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان قومي اتحاد لاءِ چيني حڪومت جي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو،وزيراعظم اهو به چيو آهي ته تائيوان ۾ نام نهاد چونڊون يا خود ساخته حڪومت جي منتقلي سان تائيوان جون حقيقتون تبديل نه ٿيون ٿين.

پهنجو تبصرو موڪليو