راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جي صدارت هيٺ ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ائٽمي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول ڍانچي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ويو آهي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي اندروني ۽ بيروني سڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.آءِ ايس پي آر جي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ٻوڏ کانپوءِ جي امدادي ۽ بحالي واري ڪم جو جائزو ورتو ويو ۽ سنڌ، بلوچستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بحالي واري ڪم ۾ سول انتظاميا جي سهڪار جي واکاڻ ڪئي.آءِ ايس پي آر موجب ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ائٽمي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول ڍانچي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته پاڪستان ايٽمي هٿيارن سان ليس هڪ ذميوار ملڪ آهي ۽ پاڪستان پنهنجي ايٽمي سيڪيورٽي ريجن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا آهن، ملڪ جي اسٽريٽجڪ اثاثن جي سيڪيورٽي جا انتظام مڪمل آهن.آءِ ايس پي آر موجب ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته پاڪ فوج هر قسم جي خطرن کان ملڪ جي دفاع لاءِ تيار آهي.










