اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان حڪومت جذبه خير سگالي طور 100ڀارتي مهاڻا واهگه بارڊر تي سومر ڏينهن ڀارتي حڪومت حوالي ڪري ڇڏيا. ڀارتي مهاڻا ڪراچي کان ريل رستي لاهور آندا ويا ۽ کين پنهنجي ملڪ روانو ڪيو ويو. ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان سرڪار 360 ڀارتي شهري هلندڙ مهيني آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. جن ۾ 5 سويلين ۽ 355 مهاڻا شامل آهن. اهڙو اعلان پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل ڪيوهو ۽ ٻڌايو هوته 100 مهاڻا 8 اپريل، 100 15 اپريل ۽ باقي 29 اپريل تي آزاد ڪيا ويندا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته پاڪستان ۾ 537 ڀارتي شهري قيد آهن جن مان 360 پنهنجي سزا پوري ڪري چڪا آهن ۽ کين آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
مشهور خبرون










