اسلام آباد(بيورو رپورٽ)بلومبرگ نيوز جو چوڻ آهي ته پاڪستان انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي نئين پروگرام تحت 6 ارب ڊالرن جي قرض جي درخواست ڪندو.پاڪستان هن سال نئين قرض جي درخواست ڪندو ته جيئن هو پنهنجو بقايا قرض ادا ڪري سگهن.بلومبرگ جو چوڻ آهي ته پاڪستان توسيع فنڊ جي سهولت تي آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه ڪندو.اميد آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون مارچ يا اپريل ۾ شروع ٿينديون.










