پاڪستان سان اهڙو تعلق ناهي جو کين ڌمڪين ڏيون؛ سعودي

پاڪستان سان اهڙو تعلق ناهي جو کين ڌمڪين ڏيون؛ سعودي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سعودي عبر ڪوالالمپور ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي شرڪت نه ڪرڻ جي حوالي سان ميڊيا تي هلندڙ خبرن جي سختي سان ترديد ڪري ڇڏي آهي. سعودي سفارتخاني طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ سعودي تعلقات اهڙا ناهن جو ڌمڪين جي زبان استعمال ڪئي وڃي. جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ گهرا تعلقات، اعتماد، سمجهوتي ۽ ملندڙ احترام جا رشتا آهن. بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته سعودي عرب هميشهه دوستاڻي تعلقات جي بنياد تي پاڪستان سان گڏ آهي، هميشهه ساٿ ڏنو ته جيئن پاڪستان ڪامياب ۽ مستحڪم ملڪ طور پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن تُرڪ صدر رجب طيب اردوان ملائيشيا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته سعودي عرب پاڪستان کي 40 لک ملازمن کي ڪڍڻ جي ڌمڪي ڏني ۽ انهن جي دٻاءُ سبب وزيراعظم پاڪستان ملائيشيا سمٽ ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو