اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ انٽرنيٽ سروس سست ٿيڻ جون شڪايتون سامهون آيون آهن.انٽرنيٽ ڪنيڪٽيويٽي تي نظر رکندڙ اداري ”ڊائون ڊيٽيڪٽر“ موجب ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ انٽرنيٽ سروس متاثر آهي جنهن جي ڪري واهپيدارن کي سخت مشڪلاتن جو سامھون ڪرڻو پئجي رهيو آهي. انٽرنيٽ متاثر ٿيڻ جو سبب معلوم ناهي ٿي سگهيو ۽ نه ئي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي طرفان ڪو بيان سامهون آيو آهي. پر سوشل ميڊيا واهپيدارن پاران ٽوئٽر (ايڪس) تي انٽرنيٽ سروس جي سست رفتاريءَ جون شڪايتون ڪيون پيون وڃن.










